Darmaan tv
03453852073
13/09/2026
نئون ديرو: تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر، نوجوان فوت
نئون ديرو (رپورٽر): نئون ديرو ڀرسان سکر–لاڙڪاڻو روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پ پ پ تعلقي رتوديرو جي صدر ممتاز چهواڻ جو نوجوان ڀاڻيجو عبدالرقيب پٽ عبدالڪريم چهواڻ سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي نوجوان کي پهرين نئون ديرو اسپتال آندو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران عبدالرقيب دم ڏئي ڇڏيو.
ضروري ڪارروائي بعد فوتي نوجوان جو مڙهه وارث ڳوٺ صابو ڪرٽيو کڻائي ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن جون دانهون ٻڌي ماحول سوڳوار ٿي ويو.
پوليس موجب ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿيو، جڏهن ته ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور ڌڻي بخش کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
#لاڙڪاڻو #عبدالرقيب #پوليس
13/09/2026
پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر رليف جو اعلان
اسلام آباد: وچ اوڀر ۾ تازو ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ ڪري عوام تي پوندڙ اضافي بار جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم شهباز شريف خصوصي پيٽرول رليف اسڪيم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب عوام تي پوندڙ بار جو حڪومت کي مڪمل احساس آهي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.
هن چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ 800 سي سي تائين ننڍيون گاڏيون استعمال ڪندڙن کي پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر رليف ڏنو ويندو.
🏍️ موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ چنگچي: هر مهيني 20 ليٽر تائين، 100 رپيا في ليٽر رليف
🚗 800 سي سي تائين گاڏيون: هر مهيني 30 ليٽر تائين، 100 رپيا في ليٽر رليف
وزيراعظم موجب اسلام آباد ۾ اسڪيم ايندڙ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات کان لاڳو ٿيندي، جڏهن ته سڄي پاڪستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات کان لاڳو ڪئي ويندي.
اسڪيم لاءِ رجسٽريشن اڄ کان شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رجسٽريشن جي طريقيڪار بابت عوام کي آگاهي مهم ذريعي معلومات ڏني ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف موٽرسائيڪلن، رڪشا ۽ ننڍين گاڏين بابت معلومات ۽ رجسٽريشن جي عمل ۾ سهڪار ڪرڻ تي صوبائي حڪومتن جا ٿورا پڻ مڃيا.
لاڙڪاڻي ۾ نون صوبن خلاف عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) جي پُرامن مارچ تي پوليس جي مبينا چڙهائي، ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار.
لاڙڪاڻو شاهنواز ڀٽو لائبريري جي شاگردن وچ ۾ جهيڙو وڊيو وئرل
13/09/2026
نئون ديرو، 12 سيپٽمبر 2026
پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر محترم نثار احمد کهڙو صاحب جي خاص هدايت تي پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي پاران ايم آر ڊي (تحريڪ بحاليِ جمهوريت) جي شهيدن جي ياد ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن تي تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ پيپلز پارٽي جي بهادر شهيدن جي لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ شهيد اڳواڻن جي مزارن تي فاتحه خواني ڪري گلن جون چادرون چاڙهيون ويون.
تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ۽ ايم اين اي محترم خورشيد احمد جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو محترم اعجاز احمد لغاري، سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي صدر محترم خير محمد شيخ، ضلعي لاڙڪاڻي جي نائب صدر سردار آغا علي نواز خان جلباڻي، انفارميشن سيڪريٽري عمران حسن جتوئي، وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل ۽ صدر تعلقي لاڙڪاڻو اسدالله ڀٽو، تعلقي رتوديرو جي صدر حاجي ممتاز علي چهواڻ، تعلقي ڏوڪري جي صدر منير احمد سهتو، ليڊيز ونگ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر نصيبان چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فدا حسين فلپوتو، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري منصور علي سومرو، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري آفتاب ظفر سيال، تعلقي رتوديرو جي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين جلباڻي، تعلقي ڏوڪري جي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڊنو خان گاڏهي، تعلقي باقراڻي جي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان جتوئي، سٽي نئون ديرو جي صدر سيد ارشد شاهه راشدي، سٽي رتوديرو جي صدر ممتاز علي عارباڻي، سٽي نئون ديرو جي جنرل سيڪريٽري محمد انور برڙُو، سٽي ڏوڪري جي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، تعلقي رتوديرو جي انفارميشن سيڪريٽري خالد رضا جوڻيجو، تعلقي ڏوڪري جي انفارميشن سيڪريٽري محمد جمن بگهيو، تعلقي باقراڻي جي انفارميشن سيڪريٽري جان محمد بروهي ۽ سٽي نئون ديرو جي انفارميشن سيڪريٽري سرفراز علي ميراني سميت ضلعي لاڙڪاڻي، مختلف تعلقن ۽ شهرن جي عهديدارن، مختلف يونين ڪائونسلن جي عهديدارن، ذيلي ونگز جي عهديدارن ۽ معزز ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
لاڙڪاڻو محلا الله آباد ۾ محفلِ ميلاد ﷺ، نعت خوانن ۽ عقيدتمندن جي ڀرپور شرڪت
محلا الله آباد ۾ پيارن دوستن فرحان علي منگي ۽ ڪاشف علي منگي جي گهر تي محفلِ ميلاد ﷺ جو روحاني پروگرام رٿيو ويو، جنهن ۾ علائقي جي ماڻهن ۽ دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
محفل دوران نعت خوانن پاران حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ سهڻيون نعتيون پيش ڪيون ويون. نعت خواني ۾ مير مصطفىٰ سومرو، اظهار علي کوکر، مولانا عامر علي، ارشاد علي عباسي ۽ ٻين نعت خوانن عقيدت جا گل نڇاور ڪيا.
محفل ۾ منور علي سمون، شڪيل علي لاشاري، عباس علي ميڻو، فيهيم علي گورڙ، سوئي گيس آفيسر محمد اقبال منگي، طفيل احمد ابڙو، شڪيل شيخ، امير علي ڀٽو ۽ جاني جاويد علي سميت ٻين معزز ماڻهن شرڪت ڪئي.
محفل جي پڄاڻي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خوشحالي ۽ امتِ مسلمه لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي.
نئون ديرو اسپتال ۾ ڊاڪٽر تي حملي خلاف احتجاج
نئون ديرو اسپتال جي ڊاڪٽر اختر دايو تي ٿيل مبينا حملي خلاف ڳڙهي خدابخش ڀٽو اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي پاران گڏيل احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر سڪندر منگي، ڊاڪٽر نور محمد شيخ، ڊاڪٽر ساحل ابڙو، ڊاڪٽر حماد الله ابڙو، ارجن ڪمار، حفيظ الله ٽڳڙ، محمد مراد لغاري ۽ علي گوهر ڀٽو سميت ٻين ڪئي.
مظاهرين ڊاڪٽر اختر دايو تي ٿيل حملي خلاف سخت نعريبازي ڪندي واقعي جي شديد مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.
ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي چيو ته صحت جي شعبي سان لاڳاپيل عملي کي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ انتظاميا جي ذميواري آهي. اسپتالن اندر ڊاڪٽرن سان بدتميزي ۽ تشدد ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
سنڌ جي ماڻهن پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏيو آ : وڏي وزير سيد مراد علي شاهه
درمان ٽي وي نيوز
نئون ديرو: سيد ارشد شاهه راشدي کي عمري جي سعادت ماڻڻ تي مبارڪباد
نئون ديرو: پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي نئون ديرو جي صدر سيد ارشد شاهه راشدي جي رهائشگاهه محلا پير جو ڳوٺ تي پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي سينيئر نائب صدر نثار محمد مراد ڀٽو، ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جي چيئرمين حاجي عبدالخالق ڀٽو سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پهچي عمري جي سعادت ماڻڻ تي کيس گلن جا هار پارائي مبارڪباد پيش ڪئي.
ان موقعي تي پروفيسر حافظ سرفراز احمد سومرو، غلام اڪبر ناريجو، احسان الله ڦوڙ، شهزادو علي چنو، سميع الله ڦوڙ، عبدالمجيد ڦوڙ، مشڪور احمد قاضي، سٽي گشت انچارج وسيم چنو، توفيق ڀٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
رپورٽ: درمان ٽي وي نيوز